واپس چلیں   پاکستان کی آواز > میرے پاکستان سے > علاقائی زبانیں > سندھی فورمز



سندھی فورمز سندھی فورمز


صلاح الدين ايوبي

short url
جواب
 
LinkBack موضوع کے اختیارات موضوع کی درجہ بندی ظاہری انداز
پرانا 16-09-09, 10:20 AM   #1
Member
اجنبی
 
تاریخ شمولیت: Apr 2009
مراسلات: 43
کمائي: 656
شکریہ: 65
27 مراسلہ میں 42 بارشکریہ ادا کیا گیا
Default صلاح الدين ايوبي

صلاح الدين ايوبي

صلاح الدين جو اصل نالو يوسف ۽ سندس والد جو نالو نجم الدين ايوب هو. انهيءَ نسبت سان هن جي خاندان کي ”ايوبي“ ڪري سڏيو ويندو آهي. سندس تعلق ڪرد خاندان سان هو. سندس ڏاڏي ”شاذي“ جي بهروز جمال الدوله سان پڪي دوستي هئي. بهروز جمال الدوله بغداد جي عباسي خليفه ”المستظهر بالله“ جي دور ۾ عراق جو ناظم الامور هو. جڏهن کيس جمال الدوله جي نالي سان عراق جو نائب السلطنت مقرر ڪيو ويو، تڏهن پاڻ ”شاذيءَ“ کي پنهنجو نائب بنائي تڪريت روانو ڪيو. ڪجهه وقت کان پوءِ شاذيءَ جي وفات ٿي، جنهن کان پوءِ تڪريت جي عملداري شاذيءَ جي وڏي پٽ ۽ صلاح الدين جي پيءُ ”نجم الدين ايوب“ کي ملي.
نجم الدين ايوب نهايت ذهين، داناءُ ۽ مدبر شخص هو. ليڪن کانئس هڪ سياسي غلطي ٿي، جيڪا شروع ۾ ته نهايت تڪليفده ثابت ٿي، پر انجام ڪار نهايت نيڪ فال ٿيو.
سن 526هجريءَ ۾ سلطان سنجر جي دعوت تي عماد الدين زنگيءَ بغداد تي حملو ڪيو، پر خليفي المسترشد بالله ۽ جمال الدوله گڏجي کيس شڪست ڏني. هن جنگ ۾ عماد الدين سخت زخمي ٿي پيو، ۽ موٽندي تڪريت جي ويجهو ترسيو. نجم الدين ايوب نه فقط ساڻس ملڻ آيو، بلڪ جراحن کي گهرائي سندس علاج به ڪريائين ۽ جيستائين عمادالدين بلڪل چاق نه ٿيو، تيستائين کيس وڃڻ نه ڏنائين.
هن رويي جي ڪري بهروز جمال الدوله کي سخت رنج ٿيو ۽ بغداد مان هڪ حڪم نامو نجم الدين ايوب کي موڪليائين، جنهن ۾ لکيائين ته ”تنهنجي پيءُ جو مون تي حق هو ۽ اسان ٻنهي ۾ پڪي دوستي هئي. انهيءَ دوستي جي حق جي سبب مون لاءِ ممڪن نه آهي ته مان توکي ڪا سزا ڏيان يا توکي مون کان ڪا تڪليف پهچي. پر منهنجي خواهش آهي ته تون منهنجي ملازمت ڇڏ ۽ منهنجي ملڪ مان نڪري وڃ ۽ ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي پنهنجي روزي تلاش ڪر.“
بهرحال جنهن رات نجم الدين تڪريت جو قلعو ڇڏيو، تنهن رات سندس زال کي ويم جا سور ٿيا. آخر اڌ رات جو جلاوطن ٿيندڙ ماءُ کي 532هجري مطابق 1138ع ۾ تڪريت ۾ صلاح الدين ڄائو.
نجم الدين ايوب تڪريت مان نڪري موصل طرف روانو ٿيو، جتي عماد الدين زنگي حاڪم هو. پاڻ جڏهن موصل پهتو ته نور الدين زنگيءَ سندس آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کيس پنهنجي درٻار ۾ اهم حيثيت ڏني ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ بعلبڪ فتح ڪري کيس اتان جي عملداري عنايت ڪئي.
امير عماد الدين زنگي نهايت دور انديش ۽ نظم و ضبط جي ڪري، قابل ۽ مشهور حاڪم ٿي گذريو آهي. انهيءَ مسلمانن جي قيادت اهڙي وقت سنڀالي، جڏهن عيسائي پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي چڪا هئا. انهن مسلمانن کي هر طرح سان ختم ڪرڻ جون تياريون ڪري ڇڏيون هيون. 1146ع ۾ جڏهن صلاح الدين جي عمر اڃان 8 سال کن هئي، ته ان وقت سلطان عماد الدين زندگيءَ کي، سندس هڪ فرانسيسي غلام شهيد ڪري ڇڏيو. ان جي وفات کان پوءِ، سندس پٽ نور الدين زنگي حلب جو امير بڻيو، جڏهن ته وڏو پٽ سيف الدين غازيءَ وري موصل تي حاڪم ٿيو.
عمادالدين جي قوت جڏهن هن نموني تقسيم ٿي وئي، تڏهن دمشق جي حڪمران مجيد الدين ارتق بن بوري، جيڪو بعلبڪ جو پهريون حاڪم هو، تنهن بعلبڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ چڙهائي ڪئي.
نجم الدين ايوب ۾ دمشق جي فوج سان مقابلي جي سگهه ڪانه هئي، تنهن ڪري هن سيف الدين غازيءَ کي مدد لاءِ لکيو، پر جيئن ته سيف الدين غازيءَ لاءِ حالات خود ناساگاز هئا، تنهن ڪري هو مدد ڏئي نه سگهيو. لاچار نجم الدين چند شرطن تي پيش پيو، شرط هي هئا ته کيس دمشق ۾ رهڻ لاءِ هڪ جاءِ ڏني ويندي ۽ خاندان جي گذر لاءِ هڪ جاگير عنايت ڪئي ويندي.
نجم الدين جڏهن دمشق ۾ آيو. تڏهن پنهنجي دانائي ۽ حڪمت سان جلد ئي ترقي ڪئي ۽ ڪجهه سالن ۾ دمشق جو سڀ کان وڏو سياستدان تسليم ٿيڻ لڳو. جڏهن دمشق جي وزير معين الدين وفات ڪئي، تڏهن بادشاهه کيس پنهنجو مشير اعليٰ بڻايو ۽ گڏوگڏ فوج جو سپهه سالار به مقرر ڪيو.
نجم الدين جي دلي تمنا هئي ته دمشق ۽ حلب هڪ ئي حڪمران جي ماتحت رهن. جيئن ته هن جون همدرديون پنهنجي محسن عماد الدين جي پٽ نور الدين محمود سان هيون ۽ جنهن جي درٻار ۾ هن جو ننڍو ڀاءُ اسد الدين شيرڪوه سپهه سالار به هو. انهيءَ کان سواءِ نجم الدين جي مدبرانه نگاهه مسيحيت جي وڌندڙ خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ نور الدين ۾ صلاحيتون ڏٺيون، تنهن ڪري هن نور الدين کي دمشق تي قبضي ڪرڻ جي ترغيب ڏني.
نورالدين کي خود به دمشق تي قبضو ڪرڻ جي خواهش هئي، تنهن اشارو ملندي هڪدم پنهنجي سپهه سالار اسدالدين شير ڪوه کي هڪ هزار تيز رفتار سوارن سان اڳ ۾ روانو ڪيو ۽ پٺيان پنهنجي سموري فوج وٺي اڳتي وڌيو. گهڻن ئي ڏينهن جي سخت گهيري کان پوءِ دمشق تي نورالدين جو قبضو ٿيو ۽ نجم الدين کي اعليٰ عهدي تي فائز ڪيائين. سلطان صلاح الدين جي زندگيءَ جو ڳچ عرصو پڻ شام ۾ ئي گذريو هو.
چون ٿا ته خلفاءِ راشدين ۽ عمر بن عبدالعزيز جي خلافت کان پوءِ اسلامي دنيا ۾ نورالدين زنگيءَ جهڙو سٺي سيرت ۽ پاڪيزه خيالن وارو مسلمان حاڪم ٻيو ڪوبه نه ٿي گذريو آهي.
جڏهن عيسائين گڏجي مسلمانن خلاف صليبي جنگيون شروع ڪيون، يورپي ملڪن وڏو لشڪر تيار ڪري، شام ۽ فلسطين مان مسلمانن کي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي، عين انهيءَ وقت مصر جي فاطمي خلافت به ڪمزور ٿي چڪي آهي ۽ حڪومت جا سمورا اختيار خليفي جي وزيرن وٽ هئا، جيڪي هڪ ٻئي خلاف سازشون ڪندا وتندا هئا ۽ مصر تي قبضو ڪرڻ لاءِ صليبين کي آڇون ڪندا هئا. سلطان نورالدين زنگيءَ، عيسائين جو زور ٽوڙڻ لاءِ ۽ مصر ۾ پنهنجي طاقت کي وڌائڻ لاءِ، صلاح الدين جي چاچي، شيرڪوه کي ان مقصد لاءِ مصر روانو ڪيو. صلاح الدين جي عمر ان وقت 26 سال هئي. هو پاڻ به چاچي سان گڏ مصر هليو ويو. مصر فتح ٿيڻ کان 3 مهينا پوءِ اسد الدين شير ڪوهه فوت ٿي ويو. جنهن ڪري نور الدين زنگيءَ، صلاح الدين ايوبيءَ کي مصر جو حاڪم مقرر ڪيو. مصر جي فاطمي خليفي کيس ”الملڪ الناصر“ جو لقب ڏنو. نور الدين زندگيءَ جي وفات کان پوءِ جيئن ته سندس ڪا لائق اولاد نه هئي، جنهن ڪري صلاح الدين شام کي پنهنجي قبضي ۾ ورتو. اهڙيءَ طرح سان مصر ۾ فاطمي حڪومت جي خاتمي سان گڏ، سلطان صلاح الدين ايوبي شام ۽ مصر جو گڏيل حاڪم ٿي ويو. سن 569 هجريءَ ۾ 32 سالن جي عمر ۾ يمن به فتح ڪيائين.
هن پنهنجي اعليٰ صلاحيتن ۽ جنگي ڪاميابين جي ڪري ايتري ته قوت حاصل ڪئي، جو عيسائين جي هيڏي ساري ۽ گڏيل لشڪر سان پڻ مقابلا پئي ڪيائين ۽ عيسائين سان ڪيترين ئي جنگين ۾ صليبي لشڪرن کي شڪستون ڏنائين. 1187ع ۾ حطين جي مقام تي صلاح الدين ۽ عيسائين جي وچ ۾ ڇتي ويڙهه ٿي، جنهن ۾ صليبين کي شڪست فاش آئي ۽ انهن جا وڏا وڏا سردار ۽ بادشاهه گرفتار ٿي پيا. گهڻائي عيسائي سردار ۽ سپاهي جنگ ۾ مارجي ويا. هن جنگ ۾ صلاح الدين جي سپاهين جو تعداد 30 هزار هيو، جڏهن ته عيسائين جو تعداد لک کان به مٿي هيو. اڄ به هن شڪست کي ياد ڪري عيسائين جا لنڱ ڪانڊارجي ويندا آهن.
ساڳئي سال پاڻ 89 سالن کان پوءِ بيت المقدس کي فتح ڪري انهيءَ تي اسلامي جهنڊو ڦڙڪايائين ۽ مسلمانن کي سندن پهريون قبلو ٻيهر ملي ويو. اهڙيءَ طرح عيسائين کي شام ۽ فلسطين مان بي دخل ڪري ڇڏيائين
سلطان صلاح الدين ايوبي، نه رڳو بهادر سپهه سالار ۽ اعليٰ منتظم ٿي گذريو آهي، پر با اخلاق ۽ سهڻي سلوڪ جو صاحب پڻ هوندو هو. سندس اعليٰ اخلاق ۽ حسن سلوڪ جي تعريف عيسائين پڻ دل کولي ڪئي آهي. سلطان ايوبيءَ جنگ توڙي امن ۾ ڪنهن به عيسائي شهريءَ کي نه رنجايو، ۽ نه زيادتي ڪئي.
تاريخ ۾ ڄاڻايل آهي ته قدرت هن عظيم فاتح کي، مسلمانن لاءِ هڪ اهڙو تحفو ڪري موڪليو هو، جنهن جنگين ۾ ڪڏهن به شڪست ڪونه کاڌي. سڄي يورپ جا عيسائي ”صليبي“ اصطلاح هيٺ گڏ ٿيڻ باوجود، هن عظيم سپاهيءَ هٿان زبردست شڪستون کائيندا رهيا. عيسائين جي عظيم اڳواڻ شيردل رچرڊ، سلطان ايوبيءَ کي پنهنجي دوستي، ۽ محبت جي آڇ ڪئي. اهڙيءَ طرح سان هڪ ٺاهه تحت، رچرڊ واپس يورپ هليو ويو.
صلاح الدين ايوبيءَ ٽڙيل پکڙيل مسلمانن کي هڪ جهنڊي هيٺ گڏ ڪري، چڱي حد تائين ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن پنهنجي اسلامي حڪومت ۾ نظم و ضبط پيدا ڪيو. مصر تي 24 سال ۽ شام تي 19 سال حڪومت ڪيائين. سندس زندگيءَ جو ڳچ عرصو لڙائين ۾ گذريو.
پاڻ 12هين صديءَ جي آخر دوران مصر، شام، فلسطين، الجزيره ۽ يمن تي وڏي شان ۽ شوڪت سان حڪومت ڪئي ۽ آخرڪار 1193ع ۾ شام جي شهر، دمشق ۾ وفات ڪيائين. سندس وفات جو سبب ٿڌ لڳڻ ٻڌايو وڃي ٿو.

(هي مضمون مون ڪافي عرصو اڳ ”وڪي پيڊيا“ تي لکيو هو. افسوس جو اڄ جڏهن انهيءَ تي نظر پئي ته انهيءَ ۾ غير ضروري ترميم ٿيل ڏٺم. ضروري اصلاح ڪري هن مضمون کي هتي شيئر ڪري رهيو آهيان.)٣
ابو زین آف لائن ہے  
Digg this Post!Add Post to del.icio.usBookmark Post in TechnoratiFurl this Post!
Reply With Quote
ابو زین کا شکریہ ادا کیا گیا
راجہ اکرام (16-09-09)
پرانا 16-09-09, 10:23 AM   #2
ناظم اعلی
 
راجہ اکرام's Avatar
 
تاریخ شمولیت: Jan 2009
مقام: ڈیرا درویشاں دا
مراسلات: 19,927
کمائي: 298,252
شکریہ: 24,741
15,344 مراسلہ میں 39,165 بارشکریہ ادا کیا گیا
Default

سلام
ابو زين صاحب توھان جو مضمون پڑھی مزو اچی ویو
لکھندا رھو

Last edited by راجہ اکرام; 16-09-09 at 10:44 AM.
راجہ اکرام آف لائن ہے  
Digg this Post!Add Post to del.icio.usBookmark Post in TechnoratiFurl this Post!
Reply With Quote
راجہ اکرام کا شکریہ ادا کیا گیا
ابو زین (16-09-09)
پرانا 16-09-09, 10:24 AM   #3
Member
اجنبی
 
تاریخ شمولیت: Apr 2009
مراسلات: 43
کمائي: 656
شکریہ: 65
27 مراسلہ میں 42 بارشکریہ ادا کیا گیا
Default

اقتباس:
اصل مراسلہ منجانب : rajaikram مراسلہ دیکھیں
سلام
اختر صاحب توھان جو مضمون پڑھی مزو اچی ویو
لکھندا رھو
سائين خاڪسار اختر صاحب نه پر ”ابو زين“ آهي.
ابو زین آف لائن ہے  
Digg this Post!Add Post to del.icio.usBookmark Post in TechnoratiFurl this Post!
Reply With Quote
ابو زین کا شکریہ ادا کیا گیا
راجہ اکرام (16-09-09)
پرانا 16-09-09, 10:45 AM   #4
ناظم اعلی
 
راجہ اکرام's Avatar
 
تاریخ شمولیت: Jan 2009
مقام: ڈیرا درویشاں دا
مراسلات: 19,927
کمائي: 298,252
شکریہ: 24,741
15,344 مراسلہ میں 39,165 بارشکریہ ادا کیا گیا
Default

اقتباس:
اصل مراسلہ منجانب : ابو زین مراسلہ دیکھیں
سائين خاڪسار اختر صاحب نه پر ”ابو زين“ آهي.
سائین غلطی تھی وئی۔
امید تا ناراض نہ تھیندا
راجہ اکرام آف لائن ہے  
Digg this Post!Add Post to del.icio.usBookmark Post in TechnoratiFurl this Post!
Reply With Quote
پرانا 16-09-09, 11:00 AM   #5
Member
اجنبی
 
تاریخ شمولیت: Apr 2009
مراسلات: 43
کمائي: 656
شکریہ: 65
27 مراسلہ میں 42 بارشکریہ ادا کیا گیا
Default

اقتباس:
اصل مراسلہ منجانب : rajaikram مراسلہ دیکھیں
سائین غلطی تھی وئی۔
امید تا ناراض نہ تھیندا
پهرين غلطي معاف.....
ابو زین آف لائن ہے  
Digg this Post!Add Post to del.icio.usBookmark Post in TechnoratiFurl this Post!
Reply With Quote
ابو زین کا شکریہ ادا کیا گیا
راجہ اکرام (16-09-09)
پرانا 16-09-09, 11:04 AM   #6
ناظم اعلی
 
راجہ اکرام's Avatar
 
تاریخ شمولیت: Jan 2009
مقام: ڈیرا درویشاں دا
مراسلات: 19,927
کمائي: 298,252
شکریہ: 24,741
15,344 مراسلہ میں 39,165 بارشکریہ ادا کیا گیا
Default

اقتباس:
اصل مراسلہ منجانب : ابو زین مراسلہ دیکھیں
پهرين غلطي معاف.....
مھربانی ادا
اوھان مان امید تہ اھا ای آھی تی ھر غلطی این ای معاف کندا رھندا
راجہ اکرام آف لائن ہے  
Digg this Post!Add Post to del.icio.usBookmark Post in TechnoratiFurl this Post!
Reply With Quote
راجہ اکرام کا شکریہ ادا کیا گیا
ابو زین (16-09-09)
جواب

Tags
نظر, محبت, تلاش, جلد, رفتار, رات, سال, سردار, شام, شخص, علاج, عراق, غلام, غلطی, صلاح


Currently Active Users Viewing This Thread: 1 (0 members and 1 guests)
 
موضوع کے اختیارات
ظاہری انداز Rate This Thread
Rate This Thread:


Similar Threads
موضوع موضوع شروع کیا فورم جوابات آخری مراسلہ
ميني کيور اور پیڈی کیور بنت آدم فیشن اور بیوٹی ٹپس 5 04-04-10 02:09 PM
ايك گدھا كسي گھر كي ديوار سے The Great قہقہے ہی قہقے 2 12-10-09 12:03 PM
ديوانگی سے كم نہ تھی The Great شعر و شاعری 0 09-08-08 08:31 PM


تمام اوقات پاکستانی معیاری وقت ( +5 GMT) کے لحاظ سے ہیں۔ ابھی وقت ہے 11:51 PM

Powered by vBulletin® Copyright ©2000 - 2012, Jelsoft Enterprises Ltd.
Search Engine Friendly URLs by vBSEO 3.3.1
جملہ حقوق نشرو اشاعت ©2000 - 2012,پاکستان کی آواز - پاکستان کے فورمزکی انتظامیہ کے پاس مخفوظ ہیں۔ ہم اردو ترجمے کے لیے جناب زبیرکے مشکور ہیں-
اپنا بلاگ مفت حاصل کریں wordpress.pk
ہم pak.net ڈومین نیم کے لیے جناب فاروق سرور خان کے مشکور ہیں

Template-Modifikationen durch TMS
vBCredits v1.4 Copyright ©2007 - 2008, PixelFX Studios
Ad Management plugin by RedTyger