واپس چلیں   پاکستان کی آواز > میرے پاکستان سے > علاقائی زبانیں > سندھی فورمز



سندھی فورمز سندھی فورمز


شاہ جورسالو(سُر کنڀات)

short url
جواب
 
LinkBack موضوع کے اختیارات موضوع کی درجہ بندی ظاہری انداز
پرانا 19-06-10, 03:43 PM   #1
Senior Member
مقبول
 
مجیب انڑ's Avatar
 
تاریخ شمولیت: Jan 2010
مقام: خیرپور۔کراچی۔سندھ
عمر: 29
مراسلات: 183
کمائي: 2,848
شکریہ: 134
121 مراسلہ میں 257 بارشکریہ ادا کیا گیا
مجیب انڑ کو MSN کے ذریعے پیغام ارسال کریں مجیب انڑ کو Yahoo کے ذریعے پیغام ارسال کریں
Default شاہ جورسالو(سُر کنڀات)

شاہ جورسالو(سُر کنڀات)

داستان پهريون
1
ڀَلا ئِي آهِينِ، پِرِين ڀَلائِيءَ پانهنجي؛
سَٻاجھا سِرِ چَڙهيو، ڏوراپو نه ڏِينِ؛
مان ڏي مَديُون ٿِينِ، سَڄَڻَ سَڄايِن ۾.
2
تون چَنڊَ! اُهوئِي، جو هُتِ پَسِين ٿو پِرِينءَ کي؛
آڏِتُ چئج اُنِ کي، ڏِيانءِ جو روئِي؛
هيڪاندِيءَ هوئِي، سانگُ مَ پَوي سَڄَڻين!
3
مَرُ هيڪاندا هُونِ پِرِين، سانگِ مَ وڃن سيڻَ!
رهيا آهِينِ روحَ ۾، نِتُ جِنِين جا نيڻَ؛
وِماسِيا جِن ويڻَ، ٿو تارِيءَ تَڳي تِنِ هِنئون.
4
رات سَهائِي، ڀُون سَنئِين، ڀائِي! گُھرجي ڀَلُ؛
آهُرَ ۾ ايلاچِيُون، چَندَن چَرِي چَلُ؛
مون توئِي سين ڳالهڙِي، ٻِئي ڪَنهِين مَ سَلُ؛
هاهُرَ ڪندو هَلُ، ته کِجايُون کَـرَنِ کي.
5
چوڏهِينءَ چَنڊَ! تون اُڀِرين، سَهسين ڪَرِئين سينگارَ؛
پَلَڪَ پِريان جي نه پَڙِين، جي حِيلَنِ ڪَرِئين هَزارَ؛
جهڙو تون سَڀَ ڄَمارَ، تهڙو دَمُ دوست جو.
6
سهسين سِجَنِ اُڀري، چوراسِي چَنڊَنِ؛
بالله ري پِرِيَنِ، سَڀَ اُونداهِي ڀانـئِيان.
7
چَنڊَ! تنهنجِي ذاتِ، پاڙيان نه پِرِيُنِ سين؛
تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِھرا.
8
چَنڊَ! چوانءِ سَچُ، جي مَٺِي نه ڀانئِئين؛
ڪَڏهن اُڀرِين سَنهڙو، ڪَڏهن اُڀرِين ڳَچُ؛
مُنهَن ۾ ٻَريئِي مَچُ، تو ۾ ناھِ پيشانِي پِرِينءَ جِي.
9
کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جان ڪيائون نازُ نَظَرُ؛
سُورجَ شاخُون جَھڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ؛
تارا ڪَتِيُون تائِب ٿيا، ديکِيندي دِلبَرُ؛
جَھڪو ٿيو جَوهَرُ، جانِبَ جي جَمالَ سين.
10
تارا تيلِيءَ رُوءِ، لُڌا لالَنَ! اُڀِرِين؛
جَهڙِي تو صُبوح، تَهڙِي صافِي سَڄَڻين.
11
توڏانهن گھڻو نِهاريان، تارا! تيلاهِين؛
سَڄَڻُ جيڏاهِين، تون تيڏاهِين اُڀِرين.
12
هُنَ تاري، هُنَ هَنڌِ، هُتِ منهنجا سُپرِين؛
سَڄَڻَ ماکيءَ مَنڌِ، ڪَؤڙا ٿين نه ڪَڏَهِين.
13
تارا، تِرَ، تِروڪِڻيؤن، مَٿِن ڦُلَڙيُون؛
کوءِ! سي راتَڙِيُون، جي مون پِرِينءَ پُڄاڻا پيئِيُون.

وائي
وَهلِي وَنءُ مَ وِهامِي! رَهُ رات! رائِينديس پرِينءَ کي.
شَمع ٿِينديَس شَب ۾، اِن خوشيء کان کامِي؛
بابُوئن سندِي باه جِئَن، ٻَران شال اُجھامِي!
پِرتِ جا پِيتَم جِي، سا ڪِينَ پروڙي عامِي؛
مونکي مون پِريُن جو، آهي دَردُ دَوامِي؛
آهيان يارُ سَيَّدَ جو، ڪانَ رهِي ڪا خامِي؛
هُوءَ جا لَنؤُ، لَطِيفُ چئي، مونکي آهي مُدامِي؛
روشَنُ ٿِيان رُڃُنِ ۾، جي هُئان لَنؤُ اِنهيءَ لامي؛
ڪارِي سا قِيامَ سَنئِين، هوتُ جنهنجو حامِي؛
آيَم تَنهِين لوڪَ سان، جيسِين مان چَوَن سامِي
__________________
مجیب منصورکا بلاگ
http://itsmujeeb.blogspot.com/
مجیب انڑ آف لائن ہے  
Digg this Post!Add Post to del.icio.usBookmark Post in TechnoratiFurl this Post!
Reply With Quote
پرانا 19-06-10, 03:45 PM   #2
Senior Member
مقبول
 
مجیب انڑ's Avatar
 
تاریخ شمولیت: Jan 2010
مقام: خیرپور۔کراچی۔سندھ
عمر: 29
مراسلات: 183
کمائي: 2,848
شکریہ: 134
121 مراسلہ میں 257 بارشکریہ ادا کیا گیا
مجیب انڑ کو MSN کے ذریعے پیغام ارسال کریں مجیب انڑ کو Yahoo کے ذریعے پیغام ارسال کریں
Default

داستان ٻيو
1
ناسِيندي نِگاهَ، پهرين ڪج پِرِينِ ڏي؛
اَحوالَ عاجزن جا، آکِـجِ لَڳِ اللهَ؛
روزُ نِهارينِ راهَ، اَکـيُون اَوهانجي آسِري.
2
چَڱا چَنڊَ! چَئيجِ، سَنِيها کي سَڄَڻين؛
مَٿان اَڱڻ اُڀرِي، پِريُنِ جي پَئيجِ؛
جِھيڻو ڳالھائيجِ، پيرين وجِھي هَٿڙا.
3
اُڀِرُ چَنڊَ! پَسُ پِرِين، تو اوڏا، مُون ڏُورِ؛
سَڄَڻَ سُتا وِلَھ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورِ؛
پيرين آئُون نه پُڄڻِي، ٻاٻُل ڏِئي نه ٻُور؛
جنهن تي چڙهِي اَسُورِ، سَنجھي سَڄَڻَ سِيٽيان.
4
ڌَڻِي! ڪَرِيندين ڪَڏهِين، حياتِيءَ هيڪاندِ؟
مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ڪِي رنجائي راندِ؛
پِرِين ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجُھ ڳَرهِيان ڪن سين؟
5
هِنئَڙي سَڄَڻَ سارِيا، ڪِٿي هُوندَمِ هيرَ؟
اَچِي لالَنَ! نه ڏِئين، مَٿي پَلَنگَن پيرَ؟
ٿِي ورُونهڻ ويرَ، ڳُجُھ ڳَرَهِيان ڪن سين؟
6
ڪَرَهو نه ڪيڪانُ، پيرين آئُون نه پُڄڻِي؛
جو مون راتِ رَساڻي، نيئِي ساجَنَ ساڻُ؛
مُون نه وَهِيڻو پاڻُ، ويٺِي نيڻَ نِچوئِيان.
7
ڪَرَها! ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکَ وَڌَندِي پاءِ؛
منهنجو هلڻ اُتَهِين، جِتي جانِبَ جاءِ؛
توکي چَندَنُ چارِيان، ٻيو وَڳُ، لاڻِي کاءِ؛
اِئين اُٺَ! اُٺاءِ، جِيئن هوندِيءَ رات هُتِ مِڙُون.
8
ڪَسَرَ ڇڏ ڪَنواٽَ! وِکُون وِجُھ وَڌَندِيُون؛
سَنئِين سُپيرِيُنِ جِي، وِنگِي ڀانءِ مَ واٽَ؛
ڇَڏ جھورِي، ڏي جھاٽَ، ته هوندِيءَ رات هُتِ مِڙُون.
9
آڻي ٻَڌُمِ وَڻَ جاءِ، مانَ مُکريُون چَري؛
ڪُڌاتُورو ڪَرَهو، لِڪيو لاڻِي کاءِ؛
اِنَ مَئي سندي، ماءِ! مُون کي ڳالهڙين ڳوڙها ڪيو.
10
مَيا! مَڃُ مِنٿَ، اَڄ منهنجي ڪَرَها!
جھاڳِيندي جَرَ پَٽـيُون، مَتان ڪَرِئين ڪَٿَ؛
سُپيرِيان جي سَٿَ، مُون کي نيئِي ميڙِئين.
11
ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِيُنِ ڳُـتـيَس مالَ؛
ڪَدِيفي جِي ڪَرَها! هيدِي پايَنءِ حالَ؛
چَندَنُ چارِيَنءِ جالَ، جي مُون رات رَساڻِئين.
12
مَيا! تو مَهارَ، سڄِي پايان سونَ جِي؛
چارِيَنءِ چَندَنَ چوٽِيُون، نايو ميندِيءَ ڏارَ؛
سَندِي پِيَ پَچارَ، جي مُون رات رَساڻِئين.
13
اُٺُ نه وڃي وَڳَ سين، چَري نه چانگو؛
لَڳيسِ نائُڪَ نِينهَن جِي، نِهوڙِيو نانگو؛
ڇَڏي سِرَ سانگو، رڙهي رَندِ پِرين جي.
14
وِهي مَنجھــهِين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري؛
ماءِ! منهنجي ڪَرَهي، پَڌَرِ پَڳَ نه لَڳ؛
جَڳَ سين جهڙو جَڳَ، هِنئين سين هُتِ چَري.
15
اَڄ نه اَڳينءَ ڍارَ، ڪَرَهو جيئن ڪالھ هو؛
اَڱَڻَ آيو نه ڪري، پاهوڙي پَچارَ؛
جيڪُسِ مَنجھ قَطار، ڪا وَلِ چِنائين وِهُ جي.
16
مَيي ماڪائِي، وِڌو واتُ وَليُن کي؛
خَبَر ٿِي کيٽَ ڌَڻيُنِ کي وِڏُوڙا واهِي؛
ڪَرَهي ڪاڪَتَ ڇڏِي، وَريسِ نه وائِي؛
چانگي چَرِيائِي، ويئِي ويچاري وِسرِي.
17
وَٽي سيٽَ سُوَٽَ، پاءِ پنهنجي ڪَرَهي؛
وَليُون واسَ وَرنيُون، پَهرِيُون مَٿي پَٽَ؛
چانگي چَٽِي چَٽَ، ته پوءِ نه رَهَندو پَـئِدَ ري.
18
ڪَرَهي کي ڪَئِين، وِڌَمَ پَئدَ پَلَڻَ جا؛
ليڙو لاڻِيءَ کي چَري، نِيَرَ ساڻ نَـئِين؛
چانگي سَندي چِتَ ۾، صاحبَ! وِجُھ سَئِين؛
اوباهيوس اَئِين! لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي.
19
چانگي چَئِي چُڪياسِ، مَٿان اَڪَ نه اُلَهي!
جنهن وَلِ گھڻا وِهاٽيا، اُنَ سين آرِ لَڳياسِ؛
چوڌارِي چَندنَ وَڻَ، پَچِي پُوڄَ پِياسِ؛
رُئاري رَتُ ڪَياسِ، هِنَ ڪُڌاتُوري ڪَرَهي.
20
اُٿي اَڙائِينس، ڇڏيو ته ڇيڪَ ٿِيو؛
کارايان، کِـڙِيو وڃي، پَلاڻي پائِينسِ؛
ڏانوَڻِ تنهن ڏائِينسِ، جِئن چَري ۽ چِنگھي ڀُڻو.
21
دُو دَستِي، دُو پيرَ، سِيني سَنگَھرَ رُڪَ جِي؛
ماءِ! مُنهنجي ڪَرَهي، تازي ڦُلَنِ هيرَ؛
تنهن ڪامَڻَ ڪَندِي ڪيرَ؟ جو مُونهِين وَٽِ مَسَ رَهي!
22
ڪِنين ڪامَڻَ ڪَياءِ؟ ڪِيئَن ڀَنڀولِئين؟ ڪَرَها!
اَکِيُن مَٿي اَکيا، پِڙَ ۾ پيرَ گَناءِ!
وَڳَ ڪِ وِسرِياءِ؟ ٻَڌو جِئَن گھاڻي وَهِين.
23
کائي نه کَٽَڻهارَ، چَندَنَ جا چُوپا ڪري؛
اَگَرَ اوڏو نه وَڃي، سِرکَنڊَ لَهي نه سارَ؛
لاڻِيءَ جي لَغارَ، مَيو مَتارو ڪيو.
24
چانگا! چَندَنُ نه چَرِين، مَيا! پِئَين نه موڪَ؛
اَگَرَ اوڏو نه وَڃِين، ٿُڪيو ڇَڏِئين ٿوڪَ؛
لاڻِي وِچان لوڪَ، تو ڪَهڙي اَکرِ آئُڙِي؟
25
جِئان ڪوڙِ ٻه ڪاٺيُون، پَنجين لَکين پاءُ؛
مَيو تنهن ماڳاءِ، ڏِيهاڻي ڏارَ چَري.
26
لَکِ لاکِيڻو ڪَرَهو، ڪوڙين ڏيئي ڪاهِ؛
ايلاچيون آهُرَ ۾، پُوڄَ مَيي کي پاءِ؛
ڪَٿ نه ڪَندو ڪاءِ، جُه پَلاڻيو ته پِرِينءَ مِڙي.

وائي 1
سَڌين سيڻَ نه هُونِ، نِينهُن نِياپي نه ٿِئي؛
ڪارِيءَ رات رَتَ ڦڙا، جان جان نيڻَ نه رُونِ؛
موٽَڻ جنِين ميهڻو، پِڙَ تي سيئِي پُونِ؛
جِن مُسافر سُپِرِين، سي مَرُ رويو رُونِ.

وائي 2
توڻي تَڙِئين تُون، يا اَلا! تو دَرُ توءِ نه ڇڏيان!
مون کي سو مُشاهِدو، جي مُنهن نه ڏِئين مُون؛
مُون ٻيا درَ گھڻا نِهاريا، آهِئين تُون ئِي تُون.
مجیب انڑ آف لائن ہے  
Digg this Post!Add Post to del.icio.usBookmark Post in TechnoratiFurl this Post!
Reply With Quote
جواب

Tags
کي, کان, مون, اِن, ته, جان, جا،, دوست, داستان, شاہ


Currently Active Users Viewing This Thread: 1 (0 members and 1 guests)
 
موضوع کے اختیارات
ظاہری انداز Rate This Thread
Rate This Thread:



تمام اوقات پاکستانی معیاری وقت ( +5 GMT) کے لحاظ سے ہیں۔ ابھی وقت ہے 12:31 AM

Powered by vBulletin® Copyright ©2000 - 2012, Jelsoft Enterprises Ltd.
Search Engine Friendly URLs by vBSEO 3.3.1
جملہ حقوق نشرو اشاعت ©2000 - 2012,پاکستان کی آواز - پاکستان کے فورمزکی انتظامیہ کے پاس مخفوظ ہیں۔ ہم اردو ترجمے کے لیے جناب زبیرکے مشکور ہیں-
اپنا بلاگ مفت حاصل کریں wordpress.pk
ہم pak.net ڈومین نیم کے لیے جناب فاروق سرور خان کے مشکور ہیں

Template-Modifikationen durch TMS
vBCredits v1.4 Copyright ©2007 - 2008, PixelFX Studios
Ad Management plugin by RedTyger