واپس چلیں   پاکستان کی آواز > میرے پاکستان سے > علاقائی زبانیں > سندھی فورمز



سندھی فورمز سندھی فورمز


آرميڊا – اسپيني جنگي ٻيڙو

short url
جواب
 
LinkBack موضوع کے اختیارات موضوع کی درجہ بندی ظاہری انداز
پرانا 16-09-09, 10:31 AM   #1
Member
اجنبی
 
تاریخ شمولیت: Apr 2009
مراسلات: 43
کمائي: 656
شکریہ: 65
27 مراسلہ میں 42 بارشکریہ ادا کیا گیا
Default آرميڊا – اسپيني جنگي ٻيڙو

آرميڊا – اسپيني جنگي ٻيڙو



http://www.youtube.com/watch?v=MPQw_v6tUxI


http://www.youtube.com/watch?v=06weqy56XzM

آرميڊا اسپين جي ان مشهور بحري ٻيڙي جو نالو آهي، جنهن 1588ع ۾ انگلستان تي بحري حملو ڪيو، پر زبردست شڪست کاڌائين. انهيءَ زماني ۾ انگلينڊ تي ايلزبيٿ پهرين جي حڪومت هئي. جڏهن ته اسپين جو بادشاهه فلپ ٻيون هو، جيڪو يورپ ۾ ڪيٿولڪ مذهب جو اڳواڻ به هو. ان جي دل ۾ گهڻي عرصي کان خواهش هئي، ته ڪنهن طرح سان انگلينڊ جي ملڪه ايلزبيٿ، جيڪا وري پروٽسٽنٽ مذهب جي پيرو هئي، کي شڪست ڏئي، تخت تان لاهي ڇڏي. ان ڪري هن جنگ لاءِ تياريون شروع ڪرايون. سندس حڪم تي ”آرميڊا“ نالي وڏو جنگي ٻيڙو به تيار ڪيو ويو. هن ٻيڙي ۾ 130 بحري جهاز شامل هئا. 19 هزار فوجي ۽ 18 هزار ملاح به شامل ڪيا ويا. ان کان سواءِ بحري جهازن ۾ طاقتور توپون به لڳايون ويون. آرميڊا ٻيڙي جي ڪمان ڊيوڪ ميڊينا سڊوينا جي حوالي ڪئي وئي.



انگلينڊ وارن کي جڏهن اسپين جي جنگي ارادن جي خبر پئي، ته هنن به جنگ جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون. انگلينڊ جي بحري ٻيڙي ۾ 197 بحري جهاز ۽ اٽڪل 16 هزار فوجي شامل ڪيا ويا. انگريزي ٻيڙي ۾ ڳريون توپون نه لڳايون ويون. ان هوندي به بم گولا پري تائين اڇلائي سگهڻ جي منجهن سگهه هئي. حقيقت ۾ اها انگريزن جي جنگي چال هئي. هنن جو خيال هو، ته آرميڊا جي ڳرين ۽ طاقتور توپن کان پري رهي، پنهنجي دور مار توپن جي گولا باريءَ ذريعي اسپينين کي ڀڄائي ڇڏجي. انگريزي ٻيڙي جي ڪمان، چارلس هاورڊ Charles Howard جي حوالي هئي. آمريڊا 12 جولاءِ 1588ع تي روانو ٿيو. 20 جولاءِ کان انگريزي ٻيڙو به مقابلي لاءِ نروار ٿيو. اسپيني ۽ برطانوي بحري ٻيڙن وچ ۾ ٽن جاين تي خطرناڪ مقابلا ٿيا. 31 جولاءِ تي پلائي مائوٿ Ply Mohth وٽ، 2 آگسٽ تي پورٽ لينڊ Port Land وٽ ۽ 4 آگسٽ تي آئزل آف ويٽ (هڪ مشهور ٻيٽ، جيڪو انگلستان جي ڏاکڻي ڪناري تي واقع آهي، هي 1974ع کان هڪ ننڍڙي ملڪ جي حيثيت ۾ قائم آهي، جنهن جي آبادي 1990ع جي آدمشماريءَ مطابق آهي 161,600 لک آهي.) پهرين ٻن مقابلن ۾ انگلستان جي ٻيڙي کي نقصان پهتو، ۽ اهو پوئتي هٽي ويو هو. ماهرن جو خيال آهي ته اها به انگريزن جي هڪ جنگي چال هئي، ته جيئن اسپين جو ٻيڙو ڪاميابيءَ جي خوشيءَ ۾، اڃا به سندن ملڪ جي ويجھو اچي. بهرحال ٽين مقابلي ۾ برطانوي ٻيڙي، پنهنجي دور مار توپن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن کان پوءِ هنن جي ڪاميابي شروع ٿي. 6 آگسٽ تي آرميڊا، ڊوور کاريءَ Strait of Dover وٽ پهتو. 7 ۽ 8 آگسٽ جي وچ واري رات ۾، ڇهن انگريزي جهازن ڳرين توپن سان، آرميڊا تي زبردست حملو ڪيو. انهيءَ اوچتي حملي آرميڊا جي صفن کي ٽوڙي ڇڏيو. ان کان پوءِ 8 آگسٽ جي ڏينهن، فرانس جي ساحل وٽ، انگريزي ٻيڙي وري هڪ نئون حملو ڪيو، جنهن سان آرميڊا جي رهي سهي قوت به تباهه ٿي وئي. هنن جون توپون خاموش ٿي ويون. انگريزي ٻيڙي 12 آگسٽ تائين آرميڊا جو پيڇو ڪيو. نيٺ آرميڊا کي ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڌڪي ڇڏيو. وڏي ڳالهه ته هوا جو رخ به آرميڊا جي خلاف ٿي پيو هو.
هن بحري جنگ ۾ آرميڊا جو تمام گهڻو نقصان ٿيو هو. هن جا 51 جهاز بلڪل تباهه ٿي ويا هئا. ٻين مان ڪيترن جا سڙه ڦاٽي پيا، يا ٻيو نقصان پهتن. ان کان سواءِ کاڌ خوراڪ ۽ پاڻيءَ جو ذخيرو به کٽي پين. هزارين سپاهي ۽ ملاح مري ويا. صرف 80 جهاز، چند هزار فوجي ۽ ملاح جان بچائي واپس اسپين پهتا. انهيءَ جنگ جي ناڪاميءَ کان پوءِ، اسپين وري ڪڏهن به انگلستان تي حملو نه ڪيو. جڏهن ته انگريزي ٻيڙي جو ڪو خاص نقصان ڪو نه ٿيو. هنن جا وڌ ۾ وڌ 3 هزار کن ماڻهو مئا. ان کان سواءِ جهازن کي به معمولي نقصان رسيو. ماهرن جو خيال آهي، ته آرميڊا جي شڪست، بحري فوج جي نون طريقن ۽ جنگي حربن ۾ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو. انگلستان به انهيءَ بحري جنگ کان پوءِ پنهنجي بحري طاقت ۾ گهڻو اضافو ڪيو. آرميڊا واري اها جنگ دنيا جي پهرين ۽ سڀ کان وڏي بحري جنگ هئي. انهيءَ بحري جنگ ۾ ڪاميابيءَ تي ملڪه ايزبيٿ خوشيءَ ۾ نه پئي ماپي. هن هڪ سونو ٻلو جاري ڪيو، جنهن تي لکيل هو، ”خدا ڦوڪ ڏني ۽ هو ڇڙوڇڙ ٿي ويا“.

اسپيني جنگي ٻيڙي جو جنگي سفر
ابو زین آف لائن ہے   Reply With Quote
جواب

Tags
com, feature, golden, holy, جواب, خلاف, خبر, دل, رات, طاقتور, صرف


Currently Active Users Viewing This Thread: 1 (0 members and 1 guests)
 
موضوع کے اختیارات
ظاہری انداز Rate This Thread
Rate This Thread:



تمام اوقات پاکستانی معیاری وقت ( +5 GMT) کے لحاظ سے ہیں۔ ابھی وقت ہے 10:36 PM

Powered by vBulletin® Copyright ©2000 - 2012, Jelsoft Enterprises Ltd.
Search Engine Friendly URLs by vBSEO 3.3.1
جملہ حقوق نشرو اشاعت ©2000 - 2012,پاکستان کی آواز - پاکستان کے فورمزکی انتظامیہ کے پاس مخفوظ ہیں۔ ہم اردو ترجمے کے لیے جناب زبیرکے مشکور ہیں-
اپنا بلاگ مفت حاصل کریں wordpress.pk
ہم pak.net ڈومین نیم کے لیے جناب فاروق سرور خان کے مشکور ہیں

Template-Modifikationen durch TMS
vBCredits v1.4 Copyright ©2007 - 2008, PixelFX Studios
Ad Management plugin by RedTyger